مولانا فضل الرحمان کي عوام جو نه پر اقتدار جو درد آهي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان  کي ڪو ٻيو استعمال  ڪري رهيو آهي، مولانا کي عوام جو نه پر اقتدار جو درد آهي

جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جيڪي جيل ۾ آهن،اهي مولانا صاحب کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن

هن چيو ته مخالف ڌر جي فلم سينما گهر ۾ لڳڻ کان اڳ ئي فلاپ ٿي وئي آهي

فردوس عاشق  اعواڻ چيو ته وزير اعظم عمران خان پاڪستان جو اڄ به مقبول ترين ليڊر آهي

هن چيو ته معيشت کي درست دڳ تي آندو ويو آهي

خاص معاون چيو ته ايڪسپورٽ ۾ اضافو ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪري مشڪل صورتحال مان نڪري سگهجي ٿو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*