آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي خلاف ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت  آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ريفرنسز جي شنوائي ڪئي

پيشي جي موقعي تي ڪيس جي اهم جوابدار انور مجيد سميت 3 جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

احتساب عدالت آصف زرداري ۽ فريال  ٽالپر جي ٻڌڻي  22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ان موقعي تي نيب جي جاچ ڪندڙ آفيسر سردار مظفر جي دير سان عدالت ۾ اچڻ تي جج محمد بشير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو اسان سڀ توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اچڻ کان اڳ رپورٽ ڪندا ڪريو

عدالت مان معلوم ڪرڻ تي نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته پرڏيهه ۾ موجود  جوابدارن کي انٽرپول جي ذريعي  آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون،نيب جوابدارن جي واپسي لاءِ  گهرو وزارت سان رابطو ڪيو آهي

شريڪ جوابدارن جي وڪيل  عدالت ۾ چيو ته جاچ ڪندڙ آفيسر کان پڇيو وڃي ته ضمني ريفرنس ڪڏهن  داخل ڪيا پيا وڃن،جنهن تي هن ٻڌايو ته ايندڙ شنوائي تائين ضمني ريفرنس داخل ڪيا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*