آصف زرداري پاران مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي واري اعلان جي آجيان

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اسان مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حمايت ڪريون ٿا، انشاءَ الله مارچ ضرور ڪامياب ٿيندو

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ فريال ٽالپر سان گڏ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين جي غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران آصف زرداري چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان جي مڪمل طور تي حمايت ڪريون ٿا

صحافي آصف زرداري کان پڇيو ته ڇا مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ ڪامياب ٿيندو؟ آصف زرداري جواب ڏنو ته انشاءُ الله، اسان جون دعائون مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهن

آصف زرداري جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*