هڪ سال ۾ خان صاحب نوجوانن کي بي روزگار ڪيو، هڪ به نوڪري نه ڏني: بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي احتجاج جو  ڪيتري حد تائين ساٿ ڏيڻو آهي ان جو فيصلو پارٽي اندر مشاورت سان ڪيو ويندو، ڪنهن به غير جمهوري عمل جي حمايت نه ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به عمل جو ساٿ نه ڏينداسين

هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پارليامينٽ کي بند ڪري ٿي ته رستن تي اچڻ کانسواءِ ڪوبه  رستو نه بچندو،مولانا صاحب جي مارچ جي اعلان کانپوءِ ڪارڪن پڇن ٿا ته اسان جي حڪومت کان ڪڏهن جان آجي ڪرائيندو

بلاول چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي خواهش هئي ته گڏجي جلسو ڪجي يا جلوس ڪڍجي

هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي معاشي مشڪلاتن جي ڳالهه ڪندي، ڪابه طاقت اسان جو رستو روڪي نٿي سگهي

پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي غير موثر بڻائي ڇڏيو آهي،هاڻ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ  جي معاملي تي حڪومت ڌانڌلي ڪرڻ گهري ٿي،قانون مطابق ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ هلندڙ اجلاس ۾ ڪرڻي هئي، پر اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي منافقن جي حڪومت آهي، هڪ سال ۾ خان صاحب نوجوانن کي بي روزگار ڪيو،هڪ به نوڪري نه ڏني، حڪومت جي انتقامي ڪارروائين ۽ ظلم کي برداشت ڪنداسين پر سمجهوتو نه ڪنداسين

هن چيو ته جيڪو شخص قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪندو هو،ان بنا ڪنهن ڏوهه جي ماڻهن کي جيل ۾ وڌو،اربين رپين جا الزام لڳائڻ باوجود صرف هڪڙو ريفرنس قائم ڪيو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*