ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي اسلامي دهشتگردي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: عمران خان ٽوئيٽ

وزير اعظم عمران خان خبردار ڪندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير مان ڪنٽرول لائين پار ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڀارت جي هٿن ۾ کيڏڻ برابر هوندي، ڀارت ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙين جو بهانو بڻائي ايل او سي پار حملو ڪري سگهي ٿو.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته  ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي اسلامي دهشتگردي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري  رهيو آهي

عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻن مهينن جي لاڪ ڊائون سبب آزاد ڪشمير جي رهواسين جي ڪاوڙ ۽ جذبن کي سمجهان ٿو

 هن چيو ته ايل او سي جي ڪا به ڀڃڪڙي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت کي  ڪشميرين تي ظلم وڌائڻ جو بهانو فراهم ڪندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*