اورماڙا ڀرسان ڪوچ وڻ سان ٽڪرائجي وئي، 9 مسافر فوت

بلوچستان جي علائقي اورماڙا ڀرسان ڪوسٽل هائي وي تي بزي ٽاپ وٽ مسافر بس وڻ سان ٽڪرائجي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نو مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ يارهن زخمي ٿي پيا

ميڊيا رپورٽس مطابق بلوچستان جي علائقي گوادر ۽ اورماڙا جي وچ ۾ مسافر  بس حادثي جو شڪار ٿي وئي،جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون

مسافر بس پسني کان ڪراچي اچي رهي هئي، ته حادثي جو شڪار ٿي وئي.فوتين ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن

حادثي جو اطلاع ملندي ئي  ريسڪيو ٽيمون  واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون

اطلاعن مطابق فوتين ۽ زخمين ۾ گهڻائي ڪراچي واسين جي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*