مدرسن ۾ ٻارن کي جهادي بڻائڻ جي تاريخ پراڻي آهي: فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مدرسن ۾ ٻارن کي جهادي بڻائڻ جي تاريخ پراڻي آهي،ٻارن کي جهاد جي نالي تي استعمال ڪيو ويو  ۽ سياست ۾ قرباني جو ٻڪر بڻايو

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته هاڻ فضل الرحمان جي تحريڪ جا ٻه  وڏا مقصد آهن،مولانا سياسي حيثيت جي بحالي ۽ مدرسن  ۾سڌارا روڪڻ گهري ٿو

هن چيو ته مذهبي پارٽيون ٻارن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪنديون آهن

فواد چوڌري چيو ته سڌارن کانپوءِ مدرسا مولوين جي هٿن مان نڪري ويندا ۽ ٻار شعور جي نظام ۾ داخل ٿي ويندا،ان سان مولوين جا دوڪان مستقل طور بند ٿي ويندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*