اين اي هڪ سئو 22 تي ڌانڌلي ثابت ناهي ٿي، پرويز رشيد

وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته نادرا جي رپورٽ موجب، اين اي هڪ سئو 22 تي ڌانڌلي ثابت ناهي ٿي، عمران خان رپورٽ غور سان پڙهي وٺي،  ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ وارن ڌانڌلي ڪئي، کين موقعي تي سزا به ملي.

اين اي هڪ سئو 22 تي نادرا جي رپورٽ بعد رد عمل ظاهر ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته اين اي هڪ سئو 22 تي جن 51 اڱوٺن جي نشانن جي تصديق ناهي ٿي، اهي تحريڪ انصاف وارن جا ئي هوندا.

هن چيو ته شيرين مزاري نادرا جي رپورٽ بابت غلط بياني ڪري رهي آهي، کيس عمران خان کان ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ملي آهي.

وفاقي وزير چيو ته نادرا جي رپورٽ ۾ واضح آهي ته اين اي هڪ سئو 22 تي ڌانڌلي ثابت ناهي ٿي، عمران خان رپورٽ غور سان پڙهي وٺي.

پرويز رشيد چيو ته تحريڪ انصاف   وارن ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي ڪئي ۽ ملوثن کي موقعي تي پڪڙي سزا ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*