ٺٽو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 نوجوان مارجي ويا

ٺٽي ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن

درگاهه ستيون وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان رمضان بروهي ۽ نور محمد بروهي  کي قتل ڪري ڇڏيو آهي

هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارو بروهي زخمي ٿي پيو،جنهن بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي نوجوان کي ٺٽي جي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رڪشه ۾ سوار ماڻهن جو پيڇو ڪري کين گوليون هنيون آهن، واقعو بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*