پنوعاقل ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب 3 ٻار فوت ٿيڻ بعد پيءُ به دم ڏنو

پنوعاقل ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد ٻارن جي پيءُ به اڄ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻارڙن جي امڙ جو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي

پنو عاقل جي ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ 3 ڏينهن اڳ زهريلو کاڌو کائڻ سبب نينگر شيراز انڍڙ، معين ۽ مجيب انڍڙ فوت ٿي ويا هئا

 فوتي ٻارن جي والد اعجاز انڍڙ به اڄ ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيوآهي

ٻارڙن جي امڙ شهباز  جو به ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج جاري آهي، جنهن جي حالت پڻ نازڪ ٻڌائي پئي وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*