لکي غلام شاهه لڳ پل نه هئڻ سبب ڳوٺاڻا پيارن جا جنازا پاڻي مان پار ڪرائڻ تي مجبور

لکي غلام شاهه ويجهو پل نه هئڻ سبب پيرسن جو جنازو شاخ مان ڪلهن تي کڻي پار ڪندڙ ڳوٺاڻن جي وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، ڪوبه چونڊيل نمائندو توڙي انتظامي عملدار ڳوٺاڻن وٽ لڙي نه آيو، شاخ تي پل چار ڪلو ميٽر پري هئڻ سبب ڳوٺاڻا پيارن جا مڙهه پاڻيءَ مان ڪلهن تي کڻي پار ڪرڻ تي مجبور آهن.

قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي بيحسي سبب ٻهراڙي علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو اڄ به پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن

لکي غلام شاهه جي ڳوٺ بوجا ناپر ۾ گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل پيرسن حاجي مهر جو مڙهه شاخ تي پل نه هئڻ سبب ڳوٺاڻن پاڻيءَ مان ڪلهن تي کڻي پار ڪيو

ڳوٺاڻن پاران جنازو شاخ جي پاڻيءَ مان ڪلهن تي کڻي پار ڪرڻ واري وڊيو ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي انتظامي عملدار نوٽيس نه ورتو آهي

تڪ مان چونڊيل جي ڊي اي، ايم اين اي غوث بخش مهر ۽ ايم پي اي شهريار مهر به ڳوٺاڻن وٽ نه پهتا ۽ نه ئي پل جي اڏاوت جي حوالي سان ڪا خاطري ڪرائي وئي

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته شاخ تي اڏيل پل ڳوٺ کان چار ڪلو ميٽر پري آهي، جنهن ڪري اهي ڪيتري ئي وقت کان پنهنجي پيارن جا جنازا پاڻيءَ مان ڪلهن تي کڻي پار ڪرڻ تي مجبور آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*