سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي معطل ڪندي قاسم سوري کي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قاسم سوري جي حوالي سان اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي کيس ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ قاسم سوري جي اليڪشن ٽربيونل واري فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سندس وڪيل نعيم بخاري دليل ڏنا

 نعيم بخاري عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته قاسم سوري پنج هزار کان وڌيڪ ووٽن جي سرسيءَ تان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي، غير معياري مس استعمال ڪرڻ جو منهنجو موڪل ذميوار ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

عدالت قاسم سوري جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي حڪم ڏنو ته درخواست تي فيصلو اچڻ تائين تڪ ۾ ننڍي چونڊ نه ڪرائي وڃي

بعد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته عدالت ڪيس ۾ اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي، اپيل جو فيصلو اچڻ تائين قاسم سوري ايم اين اي رهندو

علي محمد خان وڌيڪ چيو ته قاسم سوري ڊپٽي اسپيڪر ئي رهندو، بلوچستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ان جو نمائندو ڊپٽي اسپيڪر آهي

اليڪشن ٽربيونل بلوچستان جي تڪ اين اي 265 جي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيندي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*