اين اي هڪ سئو 22 بابت نادرا جي رپورٽ مان پي ٽي آءِ جي موقف جي تائيد ٿي آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اين اي هڪ سئو 22 بابت نادرا جي رپورٽ مان پي ٽي آءِ جي موقف جي تائيد ٿي آهي، نادرا جي رپورٽ مطابق 40 سيڪڙو کان به گهٽ ووٽن جي تصديق ٿي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته نادرا جي رپورٽ ۾ 30 هزار جعلي ووٽ ۽ 12 هزار جعلي سڃاڻپ ڪارڊ سامهون آيا آهن.

عمران خان چيو آهي ته رپورٽ  موجب، ڊپليڪيٽ ووٽن سان گڏ هڪ هڪ ووٽر 2 ڀيرا پڻ ووٽ ڪاسٽ ڪيا.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته اين اي هڪ سئو 22 بابت نادرا جي رپورٽ مان پي ٽي آءِ جي موقف جي تائيد ٿي آهي، نادرا جي رپورٽ مطابق 40 سيڪڙو کان به گهٽ ووٽن جي تصديق ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*