وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس سيلاني لنگر اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس سيلاني لنگر اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ماڻهو صبر نٿا ڪن، 13 مهينن ۾ چون ٿا نئون پاڪستان ڪٿي آهي؟ نئون پاڪستان ۽ تبديلي آهستي آهستي ايندي، مديني واري رياست به هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهي وئي هئي.

وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس سيلاني لنگر اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ روزانو 600 ماڻهن کي کاڌو کارايو ويندو

ڊاڪٽر ثانيه نشتر بريفنگ ڏيندي چيو ته لنگر اسڪيم لاءِ سيلاني ٽرسٽ سان اڄ معاهدو ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت ايندڙ سال وڌيڪ 112 احساس سيلاني لنگر خانه کوليا ويندا

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته هي ملڪ جي تاريخ جو غربت ۾ گهٽتائي وارو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، هي اسڪيم ننڍن شهرن تائين به پهچائينداسين، مشڪل حالتن باوجود ڪوشش ڪنداسين ته ڪير بکيو نه رهي.

وزيراعظم چيو ته شروعات ۾ مديني واري رياستون جون به ڏکيون حالتون هيون، ڪاروباري ۽ صنعتي طبقي توڙي امير ماڻهن کان ٽيڪس وٺي غريبن تي خرچ ڪنداسين

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته ماڻهو صبر نٿا ڪن، 13 مهينن ۾ چون ٿا نئون پاڪستان ڪٿي آهي؟ نئون پاڪستان ۽ تبديلي آهستي آهستي ايندي، مديني واري رياست به هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهي وئي هئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*