ماڻهو ڇو ماريا، سنڌ پوليس پاران سي ٽي ڊي پنجاب پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل

پنوعاقل ۾سانگي ويجهو پنجاب پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس پنجاب پوليس جي حراست ۾ ورتل  6 اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي

پنو عاقل ٿاڻي تي اي ايس آءِ  جي فرياد تي سي ٽي ڊي پوليس ملتان جي 6 اهلڪارن خلاف قلم302 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

رات دير سان پنجاب پوليس جي اهلڪارن مبينا مقابلي ۾ ٻن ماڻهن کي ماري ڇڏيو هو، جن جي سڃاڻپ سعيد شيخوپورا ۽ رانا هاشم فيصل آباد واسي طور ڪئي وئي هئي

پنجاب پوليس جي اهلڪارن مارجي ويل ٻن ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو هو

سکر پوليس موجب ڪارروائي دوران اطلاع نه ڏنو ويوهو، اطلاع ڏنو وڃي ها ته مقابلو ڪرڻ نه ڏيون ها، گرفتار ٿيل اهلڪارن  کي پنو عاقل ٿاڻي تي رکيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*