شاگردياڻي نمرتا جي هسٽو پيٿالوجي رپورٽ جاري

لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي ھسٽو پيٿالوجي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ليگل ڊاڪٽر موجب ڪنهن به ماڻهو جي قتل جي صورت ۾ هسٽو پيٿالوجي ۾ ايمفسيميا جا نشان نظر ايندا آھن، پر نمرتا جي ڦڦڙن تي ايمفسيميا نه مليا آھن.

 شاگردياڻي نمرتا جي ھسٽو پيٿالوجي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ 26 سيپٽمبر تي جاري ڪئي وئي، پر اها رپورٽ 11 ڏينهن بعد ميڊيڪل ليگل آفيسر ڊاڪٽر امرتا کي ملي آهي

نمرتا جي هسٽو پيٿالوجي رپورٽ ۾  سندس موت جو سبب واضح نه لکيو ويو آھي

رپورٽ موجب شاگردياڻي جي موت بعد سندس دل، گردن، ڦڦڙن ۽ جگر ۾ ڪا به غير معمولي تبديلي نه ٿي آھي.

 ليگل ڊاڪٽر موجب ڪنهن به ماڻهو جي قتل جي صورت ۾ هسٽو پيٿالوجي ۾ ايمفسيميا جا نشان نظر ايندا آھن، پر نمرتا جي ڦڦڙن تي ايمفسيميا نه مليا آھن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*