سنڌهاءِڪورٽ پاران گٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

 سنڌ هاءِ ڪورٽ گُٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙڻ خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو آهي ته گُٽڪا ۽ مين پُڙيون ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، آءِ جي سنڌ کي ڪيترو شيئر ملندو آهي؟ جيڪڏهن شيئر نٿو ملي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي وڪري توڙي واهپي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي

عدالت گُٽڪي جي واهپي خلاف ڪارروائيون نه ڪرڻ تي پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

 عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته گُٽڪا ۽ مين پُڙيون ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، آءِ جي سنڌ کي ڪيترو شيئر ملندو آهي؟

جسٽس صلاح الدين رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شيئر نٿو ملي ته پوءِ ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ڇو نه معاملو نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪليو وڃي

جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪارن جي اثاثن جي به جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي، غريب ماڻهو پڙهي لکي آفيسر ٿئي ٿو ته اُهو به وڏو ٿيڻ جي چڪر ۾ ساڳيو ڪم ڪري ٿو

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس لکي ڏئي ته ٻيون قوتون به اِن ڪاروبار ۾ ملوث آهن

 عدالت گُٽڪا ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*