ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جو جوان شهيد

ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا جواز فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل  بيان موجب ڀارتي فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ ڀارتي فورسز ڪنٽرول لائن تي اڳرائي جو مظاهرو ڪندي فائرنگ ڪئي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فوج ڪنٽرول لائن جي بروهه ۽ چيري ڪوٽ سيڪٽرز تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جو جوان سپاهي نعمت علي شهيد  ٿي ويو ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورتن جو واسطو سريان ڳوٺ سان آهي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڪيتريون ئي ڀارتي چوڪيون به تباهه ٿي ويون، جڏهن ته ڀارتي فوج جي جاني نقصان جو به اطلاع آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*