پيپلزپارٽي جـِي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر جـَي گهر مان چوٿون ڀيرو چوري جي واردات

پيپلزپارٽي جـِي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر جـَي گهر مان چوٿون ڀيرو چوري جي واردات ٿي آهي،  جوابدار تالا ٽوڙي گهر ۾ موجود روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهاري ويا

تاج حيدر جـَي ڪراچي واري گهر مان رات دير سان چوري ٿي واردات ٿي، لڳاتار ٽن مهينن دوران هي چوري جي چوٿين واردات آهي

تاج حيدر جو چوڻ آهي ته جوابدار گهر جا تالا توڙي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهاري ويا

تاج حيدر جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس کان واپس وريس ته سامان وکريل نظر آيو، پوليس کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

واضح رهي ته  ٽن مهينن دوران تاج حيدر جي گهر مان چوٿين چوري آهي ۽ چوري جون وارداتون 9 تاريخ تي ئي ٿيون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*