نيب پاران ڄام خان شورو خلاف غيرقانوني پلاٽس واري ڪيس ۾ انڪوائري ختم ڪرڻ جو فيصلو

نيب مڪاني ادارن واري اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو خلاف پلاٽس جي غير قانوني الاٽمينٽ وارِي انڪوائري ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نيب پراسيڪيوٽر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي  آگاهي ڏيندي چيو آهي ته ڄام خان شورو خلاف ڪو به ثبوت ناهي مليو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو خلاف ڪي ڊي اي ۾ 12 پلاٽس جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هِن انڪوائري ۾ ڄام خان شورو خلاف ڪو به ثبوت ناهي مليو، انڪوائري ختم ڪرڻ لاءِ نيب هيڊڪوارٽرز کي خط لکي ڇڏيو آهي، اتان جواب اچڻ تائين مهلت ڏني وڃي

عدالت، نيب جي پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته ڄام خان شورو خلاف انڪوائري ختم ڪرڻ بابت ٽن هفتن ۾ جواب داخل ڪرايو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*