عالمي ميڊيا جي ٻٽي معيار تي حيران آهيان: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ

وزير اعظم عمران خان  چيو آهي ته عالمي ميڊيا جي ٻٽي معيار تي حيران آهيان، هڪ طرف هانگ ڪانگ  جي احتجاج کي هيڊ لائينز ۾ رکيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي ان کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين ڀڃڪڙيون نظر نٿيون اچن.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن ۾ ڪيل وعدن مطابق ڪشمير مسئلي جي پرامن حل تي زور ڏئي.

هن چيو ته ڀارت  عالمي طور تي تسليم ڪيل تڪراري علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي، نو لک فوج، اسي لک ڪشميرين کي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سياسي قيادت ۽ ٻارن سميت  هزارين ڪشميري جيلن ۾ بند آهن، جڏهن ته ٻن مهينن کان والاريل ڪشمير ۾ مڪمل مواصلاتي بليڪ آئوٽ آهي.

عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني الميو  تيزي سان بحران طرف وڌي رهيو آهي، ٽيهن سالن ۾ حق خوداراديت لاءِ  وڙهندي هڪ لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*