لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي آفيس ڀرسان فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي آفيس ٻاهران هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب نوجوان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان هٿيار بندن کيس قتل ڪيوآهي

ايس ايس پي آفيس وٽ اڻڄاتل هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان راشد ٽڳڙ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس مارجي ويل نوجوان جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو

ذريعن موجب نوجوان ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو ۽ جرڳي ذريعي ناري کي واپس وارثن حوالي ڪيو ويو هو، نوجوان ان ڪيس ۾ اڄ عدالتي حاضري بعد واپس گهر وڃي رهيو هوته هٿيار بندن مٿس فائرنگ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*