پاڪ فوج جي ٽن فوجي آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي

پاڪ فوج ٽن فوجي آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻن آفيسرن کي سخت پورهئي سان ٻه ٻه سال قيد جي سزا به ٻڌائي ڇڏي

آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي ٽن ميجرز کي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ۽ مس ڪنڊڪٽ تي سزا ٻڌائي وئي آهي

آءِ ايس پي آر مطابق ٽنهي ميجرز تي الزام ثابت ٿيڻ تي کين نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب  ٻن ميجرز کي ٻه ٻه سال سخت پورهئي سان سزا به ٻڌائي وئي آهي

فوج جي ترجمان مطابق  فوجي آفيسرن پنهنجي اٿارٽي جو غلط استعمال ڪيو ۽ هو غير قانوني سرگرمين ۾ به ملوث هئا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*