حڪومت احتساب بابت ڪابه ڊيل نه ڪندي: فواد چوڌري ٽوئيٽ

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت احتساب بابت ڪابه ڊيل نه  ڪندي ، آزادي مارچ دوران ڪوبه شهر بند نه ٿيندو،حڪومت مولانا سان ڳالهيون به ڪندي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته احتجاج هر پارٽي جو سياسي حق آهي، پر مدرسي جي ٻارن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين

هن چيو ته  حڪومت جي مولانا فضل الرحمان جي احتجاج بابت پاليسي واضح آهي

فواد چوڌري چيو ته آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن مطابق عمل ڪيو وڃي ته احتجاج تي ڪوبه اعتراض ناهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*