دادو ڀرسان ٻڍڙي عورت جي گهر تي قبضو ڪري گهر مان بيدخل ڪيو ويو

دادو ويجهو گهر تي مبينا قبضي خلاف ٻڍڙي عورت عدالت پهچي وئي،ٻڍڙي جو چوڻ آهي ته ڀاڻج گهر تي قبضو ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي

ڳوٺ شهداد خان برهماڻي واسڻ ٻڍڙي عورت ستڀرائي برهماڻي  گهر تي قبضي خلاف پاڻ کي رڪشا  تي کڻائي دادو جي عدالت پهچي وئي

ٻڍڙي ستڀرائي برهماڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس گهر تي ڀاڻج قبضو ڪري ورتو آهي

ٻڍڙي وڌيڪ چيو ته ڀاڻج گهر تي قبضو ڪرڻ بعد کيس گهران ڪڍي ڇڏيو آهي

هن مطالبو ڪيو آهي ته گهر تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*