مولانا فضل الرحمان سياسي حلوي جو شيدائي آهي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

وزيراعظم جـِي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف جـِي ڳالهين کانپوءِ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر نڪري آئي آهي،ثابت ٿي ويو ته آزادي مارچ ڪشميرين لاءِ نه پر چورن کي بچائڻ لاءِ آهي، مولانا سياسي حلوي لاءِ اسلام آباد جو لاڪ ڊائون نه ڪري.

سوشل ميڊيا تي ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ جي خاص معاون فردوس عاشق چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف، سميع الله ۽ ڪليم الله جي راند کيڏي رهيا آهن

هن چيو ته  ڪڏهن بال شهباز شريف وٽ هوندو آهي ۽ ڪڏهن نواز شريف وٽ پر ٻئي گول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا

هن چيو ته ڄاڻون ٿا ته فضل الرحمان سياسي حلوي جو شيدائي آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ اسلام آباد جو لاڪ ڊائون نه ڪري.ملڪي ۽ غير ملڪي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ  ڀارت جي خلاف ڪاري ڏينهن کي سياست لاءِ چونڊيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*