وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ايران جي دوري تي ويندو

وزيراعظم عمران خان جي ايران ۽ سعودي عرب جو شيڊيول تيار ڪيو ويو، وزير اعظم سڀاڻي ايران جي دوري تي ويندو ۽ ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪندو

ميڊيا رپورٽس مطابق عمران خان سڀاڻي  کان سعودي عرب ويندو،وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو هڪ ڏينهن جو هوندو

وزيراعظم  سعودي قيادت کي ايران جي دوري تي  اعتماد ۾ وٺندو

واضح رهي ته وزير اعظم ايران ۽ سعودي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*