جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي

جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته موجودهه حڪمرانن  عوام جو مينڊيٽ چورايو آهي،ڪشمير جو سودو ڪيو آهي، وزيراعظم جو چين جو دورو ناڪام ٿيو،چيني صدر، وزير اعظم عمران خان کي ملاقات جو صرف ويهن منٽن جو وقت ڏنو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قوم اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ لاءِ  پرعزم آهي،  27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان يڪجهتي واري ڏينهن آزادي مارچ شروع ٿيندو ۽ 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿينداسين.

هن چيو ته  ملڪي تاريخ ۾ اهڙا موقعا گهٽ ايندا آهن جو حڪومت مخالف يڪجهتي نظر اچي،  حڪمرانن وٽ هاڻي به وقت آهي ته اهي استيعفيٰ ڏئي گهر هليا وڃن

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي پرامن جذبن کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي، نوجوان نسل هڪ ڪروڙ نوڪرين جي اميد لڳائي ويٺو آهي

هن چيو ته نوڪريون ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، لکين نوجوانن کي بيروزگار ڪيو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*