مراد علي شاهه پاران ڪراچي شهر جو دورو ڪري صفائي مهم جو جائزو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي شهر جي مختل علائقن جو دورو ڪري صفا.ي مهم جو جائزو ورتو، وڏي وزير اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۽ عبدالله هارون روڊ تي گند ڪچري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪمشنر ڪراچي کي روڊن جي پاسي تي ڊسٽ بِن رکڻ ۽ روڊ رستن تي ڪچرو اڇلائيندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه شهر جي عبدالله هارون روڊ، ڪاز وي روڊ ۽ عبدالله هارون روڊ سميت مختلف علائقن جو دورو ڪري صفائي مهم جو جائزو ورتو

وڏو وزير اليڪٽرانڪ مارڪيٽ روڊ تي گاڏي مان لهي صفائي جو جائزو ورتو، جتي ڪچرو روڊ تي پيل هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

وڏي وزير عبدالله هارون روڊ تي ڊسٽ بِن رکرايو ۽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته روڊ جي پاسن کان ڊسٽ بن رکيا وڃن

وڏي وزير ڪمشنر کي روڊ رستن تي ڪچرو اڇلائيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو

مراد علي شاهه چيو ته کيس بريڪنگ نيوز نه پر عملي ڪم گهرجي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*