برطانوي شاهي جوڙي ماڊل اسڪول جو دورو ڪري ٻارڙن سان ملاقات ڪئي

برطانوي شاهي جوڙي شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن اسلام آباد جي ماڊل اسڪول ۽ ڪاليج فار گرلز ايجوڪيشن جو دورو ڪري ٻارڙن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي، اسڪول ۽ ڪاليج انتظاميا شاهي جوڙي جي پرجوش آجيان ڪئي.

شاهي جوڙي ماڊل اسڪول پهچي ٻارڙن ملاقات ڪئي، جڏهن ته ڪاليج فارگرلس جي مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ ڪلاسز ۾ وڃي شاگردياڻين سان مليا

اسڪول ۽ ڪاليج انتظاميا پاران شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن کي پاڪستان ۾ تعليم جي نظام بابت بريف به ڪيو ويو

شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جون اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر عارف علوي سان ملاقاتون رٿيل آهن

وزيراعظم پاران شاهي جوڙي جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*