لاڙڪاڻي ۾ جهيڙي وارو معاملو، پ پ پاران جي ڊي اي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو

لاڙڪاڻي  ۾ گذريل رات پ پ  ۽ جي ڊي اي  ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس  طارق سيال جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جي ڊي پاران ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو پيو وڃي

اسٽيشن روڊ وٽ ٿيل جهيڙي جي ڪيس  ۾ جي ڊي اي ڪارڪنن  تي دهشتگردي سميت، موتمار ڌمڪيون، لٺيون ۽ ڌڪ هڻڻ سميت ٻيا قلم شامل  ڪيا ويا آهن

ڪيس ۾ جميل گاد، حفيظ سامٽيو، تشڪيل جتوئي، خالد ميراڻي، شاهد ڪلهوڙو، اعجاز جتوئي، نويد جتوئي ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايا ويا آهن

 فريادي  ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته  هو پ پ ڪارڪنن سان گڏجاڻي لاءِ وڃي رهيا هئا ته جي ڊي اي  جي  ريلي ۾ موجود ڪارڪنن موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندن ڪارڪنن تي حملو ڪري ڌڪ  هنيا

ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جي ڊي اي پاران  پي ايس 11 جي اميدوار معظم عباسي، مولانا ناصر محمود  سومرو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو پيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*