ڊاڪٽرز والد جي خراب صحت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي جيل کان اسپتال منتقلي واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ ناانصافي آهي، رياست والد جي صحت کي پارٽي تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.

سماجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ٽوئيٽ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو  ته رياست پاران والد جي صحت کي سندس پارٽي تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي

پيپلزپارٽي چيئرمين لکيو ته آصف زرداري اڄ به طبي سهولتن جو منتظر آهي، ڊاڪٽرز والد جي خراب صحت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي

بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته اڳوڻي صدر کي بنيادي انساني حقن کان محروم رکيو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*