شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تان موٽندڙ پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت

موري ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي عرس تان موٽندڙ پانڌيئڙن جي بس تيز رفتاريءَ سبب ڪلٽي  ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽  30 زخمي ٿي پيا، 4 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو

باءِ پاس تي المدينه پيٽرول پمپ وٽ تيز رفتاريءَ سبب شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پانڌيڙن جي بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

حادثي جي زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي، چئن ڄڻن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه نيو ويو

فوتين ۾ سکر واسي شوڪت ولد گل حسن شيخ،  ممتاز ولد يوسف شيخ، ڍولڻ ولد انور شيخ، خيرپور واسي ديدار ولد امداد عباسي، امير بخش ولد مشتاق لانگاھ  شامل آهن، جن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

زخمين ۾عبدالله تڙت، فرمان ڇڄڙ، برڪت شيخ، صاحب، حبدار شيخ، رسول بخش، صدام، جميل عباسي، خورشيد، ملوڪ چاچڙ، ٻاجهي ڪاڻيجو، سرور ڪانڌڙو، غلام اصغر شنباڻي۽ ٻيا شامل آهن

پوليس موجب حادثي جو شڪار بس سوار ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري بعد واپس سکر وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*