برطانوي شاهي جوڙو چترال پهچي ويو

برطانوي شاهي جوڙو  شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ منڊلٽن  پاڪستان جي دوري جي ٽئين ڏينهن ڪي پي جي علائقي چترال پهچي ويو آهي

شهزادو وليم ۽ شهزادي مڊلٽن چترال  ۾ خصوصي  ثقافتي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقامي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون

شهزادي ڪيٽ  پنهنجي سس شهزادي ڊيانا جي ڏسيل گس تي هلندي  مور جي پرن سان سجايل  خوبصورت چترالي ٽوپي پاتي آهي

واضح رهي ته 1991 ۾ شهزادي ڊيانا به چترال جو دورو ڪيو هو، ان موقعي تي هنن پکي  جي پر مان ٺهيل چترالي ٽوپي پاتي

برطانوي شاهي جوڙو سومر ڏينهن پاڪستان پهتو ۽ 18 آڪٽوبر تي وطن واپس ٿيندو.شاهي مهمان لاهور جوبه دورو ڪندو.گذريل 10 سالن دوران  ڪنهن به برطانوي شاهي جوڙي جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*