گورنر جو انتظامي معاملن ۾ ڪوبه عمل دخل ناهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گورنر جو انتظامي معاملن ۾ ڪو به عمل دخل ناهي، جيڪي آئين ٽوڙڻ تي بضد آهن، انهن کي ضرور سزا ملندي

ڪراچي ۾شهيد ملت لياقت علي خان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته علامه اقبال اهڙي پاڪستان جو خواب نه ڏٺو هو، جيڪو اڄ آهي، قائد اعظم به اهڙو پاڪستان نه چاهيو هو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گورنر عمران اسماعيل جي ڳالهين کي سنجيده نه ٿو وٺي، اسان آئين جي ابتڙ ڪو به ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين

مراد علي شاهه چيو ته علامه اقبال اهو خواب نه ڏٺو هو ته پاڪستان ۾ روزگار نه ڏنو وڃي

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڳالهه لڪيل ناهي ته وفاق ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، وفاقي وزير خسر بختيار ڪي فور لاءِ آيو هو، پر مسئلي جو حل نه ڪڍيو، منهنجي ڪوشش آهي ته ڪي فور جو ڊزائين ٺيڪ ڪري شروع ڪيان.

مراد علي شاهه چيو ته ٽي لک ٽن ڪچرو لينڊ فل سائيٽ تي پهچايو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*