لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 تي سڀاڻي ننڍي چونڊ لاءِ سمورا  انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن

لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 تي سڀاڻي ننڍي چونڊ لاءِ سمورا  انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن جڏهن ته  سخت سيڪيورٽي هيٺ پولنگ جو سامان پهچايو ويو آهي

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس يارنهن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾  پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل سومرو ۽ جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن

پي ايس يارنهن جي 138 پولنگ اسٽيشنز مان 20 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس  جڏهن ته  50 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي

سڀاڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عام موڪل جو علان ڪيو ويو آهي جنهنڪري  سرڪاري آفيسون توڙي اسڪول بند رهندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*