لمس يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائرا وي سي پاران جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائره ٿهيم حراسان ڪرڻ وارن الزامن جي جاچ لاءِ وي سي پاران جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي والدين سان گڏجي ڪميٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي الزام هنيو ته استاد احسان ميمڻ ۽ شفقت رضوي ٽن سالن کان حراسان ڪندا هئا، هاسٽل جي انچارج ۽ والدين کي شڪايت به ڪئي هئي.
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ فارميسي ڊيپارٽمينٽ جي شاگردياڻي سائره ٿهيم وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو.
شاگردياڻي پنهنجي والدين سان گڏجي جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿي، جنهن دوران بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته استاد احسان ميمڻ ۽ شفقت رضوي ٽن سالن کان کيس حراسان ڪندا هئا.
شاگردياڻي ڪميٽي آڏو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هاسٽل انچارج ۽ پنهنجي والدين کي آگاهه ڪيو پر ڪٿان به انصاف نه مليو، جنهن بعد انتهائي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
شاگردياڻي بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ڪميٽي تي ڪوبه اعتماد نه آهي، انصاف نه مليو ته سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*