مخالف ڌر جو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو ارادو چرئي جون ڀڀڪيون آهن: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته مخالف ڌر جو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو ارادو چرئي جون ڀڀڪيون آهن،جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان جو موقف قبول نه ڪيو ويندو

نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سياسي ڇڪتاڻ جو حل به سياسي هوندو آهي

هن چيو ته رياست جو حق آهي ته اها ڏنڊو کڻي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري

خاص معاون جو چوڻ هو ته احتجاج سياسي پارٽين جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، پر  قوم جي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ واري  سازش کي حڪومت برداشت نه ڪندي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 27 آڪٽوبر  ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*