ڀارتي فوج جون اڳرايون انتهاپسندن روين کي ظاهر ڪن ٿيون: مليحا لوڌي

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ايلچي مليحا لوڌي چيو آهي ته ڀارت جون فوجي اڳرائي واريون پاليسيون ان جي انتهاپسند روين کي ظاهر ڪن ٿيون،ڀارتي اڳرائي وارا ارادا خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن

نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هٿيارن جي روڪٿام واري ڪميٽي کي خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته پلواما کانپوءِ ڀارتي اڳرائي ۽ پاڪستان تي بغير جواز جي حملو ڀارتي ارادن جو ثبوت آهي

هن چيو ته ڀارت پاران  جديد هٿيارن جي خريداري سان  طاقت جي توازن کي نقصان پهتو آهي

مليحا لوڌي چيو ته ڀارت جي تازن غير قانوني قدمن سان خطي ۾ سنگين خطرا پئدا ٿي ويا آهن، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ عوام جي ڀلائي چاهي ٿو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*