بلاول صاحب توهان جي گهر ۾ عوام توهان کي رد ڪري ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول صاحب توهان جي گهر ۾  عوام توهان کي رد ڪري ڇڏيو،اميد آهي ته توهان پنهنجي وڏي وزير جي نگراني ۾ ٿيل چونڊن کي جعلي قرار نه ڏيندو

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ تبديلي اچي وئي آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا جي ڊي اي جي اميدوار معظم عباسي جي ڪاميابي جعلي اڪائونٽس پارٽي جي خلاف عوام جو بغاوت جو اعلان آهي

خاص معاون چيو ته ڪرپشن سبب پ پ صوبي کان ضلعن تائين محدود ٿي وئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*