لاڙڪاڻي ۾ شڪست تي پ پ کي جعلي احتجاج نه ڪرڻ گهرجي: فواد چوڌري ٽوئيٽ

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري لاڙڪاڻي جي پي ايس -11 تي پ پ اميدوار جي هار تي تبصرو ڪندي  چيو آهي ته  پ پ لاءِ هي احتجاج جو نه سوچڻ جو موقعو آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته  لاڙڪاڻي ۾ شڪست تي پ پ کي جعلي احتجاج نه ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته پ پ پنهنجي قيادت جي سنگين  غلطين کي قبول ڪري

فواد چوڌري چيو ته سنڌ جو عوام اوهان جي سرڪار ۾سڌارا چاهي ٿو،سڌارا نه آندا ويا ته سنڌ ۾ اوهان جو حشر ڏاڍو خراب ٿيندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*