شڪارپور ڪچي ۾ آپريشن دوران شهيد ڪيل ڊي ايس پي جو قاتل ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري  راڳي جگر جلالي کي اغوا ڪندڙ  آپريشن دوران ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع جي قتل ۾ ملوث ڌاڙيل عبدالواحد تيغاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي انچارج چوڌري صفدر موجب جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪراچي فرار ٿي آيو هو، کيس گلستان جوهر واري علائقي مان سوگهو ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي انچارج چوڌري صفدر موجب ڪراچي جي گڪستان جوهر واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري شڪا رپور جي ڪچي جي ڌاڙيل عبدالواحد تيغاڻي کي گرفتار ڪيو ويو

سي ٽي ڊي انچارج جو چوڻ هو ته ڌاڙيل عبدالواحد تيغاڻي راڳي جگر جلال کي ڀنگ لاءِ  اغوا ڪيو

سي ٽي ڊي انچارج موجب جوابدار راڳي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ پهتل پوليس تي فائرنگ ڪري ڊي ايس پي خانپوررائو شفيع الله کي شهيد ڪيو

پوليس موجب جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪراچي فرار ٿي آيو، جتان اڄ کيس سوگهو ڪيو ويو

جوابدار راڳي جگر جلال کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ۽ ڪچي ۾ پهتل پوليس تي فائرنگ ڪري ڊي ايس پي کي شهيد ڪيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*