سرفراز جي وڪيٽ اڏي وئي، اظهر علي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر

اظهر علي کي آسٽريليا جي ٽيم خلاف رٿيل ٻن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي ٽيم ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڏني وئي آهي، جڏهن ته بابر اعظم کي قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي قيادت ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه هئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ بيان ذريعي ڪپتان مقرري جو اعلان ڪيو ويو آهي.

بابر اعظم کي قومي ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جوڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي،جيڪو آسٽريليا خلاف ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ٽيم جي قيادت ڪندو.

سرفراز احمد کي ٻنهي فارميٽ ۾ خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪپتاني تان هٽايو ويو آهي.

آسٽريليا خلاف رٿيل ٽيسٽ ۽ ٽي-ٽوئنٽي سيريز لاءِ نائب ڪپتان جي مقرري جلد ڪئي ويندي.

آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ۽ٽي-ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان 21آڪٽوبر ٿي ڪيو ويندو.

اظهرعلي کي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سيزن 20-2019 لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

بابراعظم کي آسٽريليا ۾رٿيل ٽي-ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2020تائين ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمدچيو آهي ته قومي ٽيم جي ٽيسٽ ۽ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪپتاني ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه هئي.

هن چيوته هو اظهر علي ۽بابراعظم لاءِ نيڪ خوائشن جو اظهارڪري ٿو۽ هن سفر ۾ساٿ ڏيڻ تي هو پنهنجي ڪوچز ، ساٿي رانديگر۽ سليڪٽرز جو تمام گهڻو ٿورائتو آهي.

برطانوي شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن پاڪستان جي دوري تي مختلف ايونٽس ۾ شرڪت ڪئي آهي.

شاهي جوڙي گذريل ڏينهن پاڪستان جي ڪيلاش وادي جو دورو ڪيو ،جتي شاهي جوڙي جو شاندار استقبال ڪيوويو.

شاهي جوڙو اڄ لاهور ۾ موجود آهي،جتي هو مختلف پروگرامز ۾ شرڪت ڪندو.

گذريل ڏينهن لاهور پهچڻ بعد شاهي جوڙي بادشاهي مسجد سان گڏ شاهي قلعي جو دورو ڪيو، جنهن بعد قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽرز سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي انجواءِ ڪيو.

ان موقعي تي شاهي جوڙي بيٽنگ ڪئي ۽ گرائونڊ ۾ موجود اسڪولي ٻارڙن سان ڪچهري پڻ ڪئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ٽيم جي حالت گذريل 70سالن کان ساڳي آهي،جنهن ۾ ڪڏهن به تسلسل نه رهيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته نئون ٽيلنٽ سامهون اچي ٿو ، پر وري اهو غائب ٿي وڃي ٿو.

هن چيو ته سري لنڪن ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ قومي ٽيم سمورن اسٽار رانديگرن تي ٻڌل  هئي.

شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته سري لنڪن ٽيم هٿان شڪست وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

بوم بوم آفريدي مصباح الحق وٽ ٽي عهدا آهن، جنهن سبب ان مٿان وڏي ذميواري ٿئي ٿي ۽ٽيم جي بهترين لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

شاهد آفريدي جو وڌيڪ چوڻ هوته هو ڪرڪيٽ اڪيڊمي جوڙڻ چاهي ٿو،پرسنڌ حڪومت پاران مثبت جواب نه ٿو ملي.

مولانا فضل رحمان جي ڌرڻي بابت هن چيو ته مولانا صاحب ڌرڻو جلدي ۽ وقت کان پهرين لڳائي رهيو آهي ۽حڪومت کي ڪجهه وقت ڏيڻ گهرجي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي اسپنر نديم خان کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو ڪوارڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

نديم خان جو سليڪشن ڪميٽي ۾ ڪوبه ڪردار نه هوندو.

نديم خان اهو عهدو سنڀالڻ شرط ئي پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانزکي الوداع چئي ڇڏيو آهي،هو گذريل ٻن سالن کان ملتان سلطانز جو منيجر هو.

نديم خان جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي فيصلي کان ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين کي آگاهه ڪري چڪو آهي.

نديم خان صوبائي ٽيمن جي ڪوچز ۽ چيف سلڪيٽر مصباح الحق وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو.

ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي جو چوڻ آهي ته پاڪ-ڀارت سيريز ڇو نه ٿي رهي آهي بابت چيوته اهو سوال وزير اعظم مودي ۽ پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان کان پڇيو وڃي.

سارو گنگولي چيو ته ٻه طرفه سيريز لاءِ ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اجازت گهربل آهي.

اڳوي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي هلندڙ مهيني ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر جي حيثيت سان ذميواري سنڀاليندو.

هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جو عوام چاهي ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز منعقد ڪئي وڃي، پر سيريز ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي اجازت سان لاڳاپيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*