لاڙڪاڻي ۾ سياسي قوتن سان گڏ ٻين قوتن سان مقابلو هيو: سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني ڪارساز سانحي جي شهيدن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ، سعيد غني چيو  ته چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو سياسي مخالفن سان گڏ ٻين قوتن سان به مقابلو هوندو آهي، هيل لاڙڪاڻي جي ننڍي چونڊ ۾ انهن قوتن کي روڪي نه سگهياسين تنهن ڪري شڪست ملي.

صوبائي وزير سعيد غني اعظم بستي ۽ ڪراچي جي ٻين قبرستانن ۾ پهچي ڪارساز سانحي جي شهيد ٿيل جيالن جي قبرن تي حاضري ڀري ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته  18 آڪٽوبر  رڳو پاڪستان نه پر دنيا جي سياست ۾ دهشتگردي جو هڪ اهڙو  سانحو آهي ، جنهن ۾ هڪ پرامن سياسي پارٽي کي نشانو بڻايو ويو، شهادتون ماڻيندڙن جا وارث اڄ به پيپلز پارٽي سان گڏ آهن .

لاڙڪاڻي ۾ ننڍي چونڊ هارائڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو سياسي مخالفن سان گڏ ٻين قوتن سان به مقابلو هوندو آهي، هيل لاڙڪاڻي جي ننڍي چونڊ ۾ انهن قوتن کي روڪي نه سگهياسين تنهن ڪري شڪست ملي.

سعيد غني جو چوڻ هو ته ننڍي چونڊ ۾ جيڪڏهن سرڪاري مشينري استعمال ڪيون ها ته پيپلز پارٽي اميدوار کي شڪست نه ملي ها

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*