هڪ سال اندر معاشي ٽيم ملڪ جي قسمت ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي: وزيراعظم ٽوئيٽ

وزيراعظم عمران خان حڪومت جـِي معاشي ٽيم جـِي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس ٽيم هڪ سال اندر ملڪ جـِي قسمت ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان چيو ته  ملڪ جي ڪرنٽ اڪائونٽ کوٽ گهٽ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاي ۾ واڌ ٿي آهي

هن چيو ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾5 ڏهائي 9 سيڪڙو واڌ ۽ امپورٽ ۾ 18 ڏهائي 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي

وزير اعظم چيو ته سڌي  پرڏيهي سيڙپڪاري   هڪ سئو 11 سيڪڙو وڌي آهي، جيڪو ريڪارڊ آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*