ڪراچي ۾ رولو ڪتا بي قابو، 21 شهرين کي ڏاڙهي وڌو

ڪراچي ۾ ڊينگي  کانپوءِ رولو ڪتا به بي قابو، شهر ۾ 12 ڪلاڪن دوران ڪتن 21 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو، صدر ۽ لائنز ايريا ۾ ڪتي ڏاڙهيل شهرين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته زخمين جي علاج بعد حالت خطري کان ٻاهر آهي.

ڪراچي ۾ ڊينگي مڇر، نگليريا کانپوءِ رولو ڪتن به شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي

هڪ طرف شهر ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن سبب 19 ماڻهو ته حياتيون به وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته نگليريا به هن مهل تائين 6 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي

ڊينگي مڇر ۽ نگليريا تي اڃا ضابو ئي نه آيو آهي ته مٿان وري رولو ڪتن ٽن ڏينهن اندر صدر، لائنز ايريا ۽ ايف بي ايريا سميت مختلف علائقن ۾   30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي

جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سيمي جمالي موجب جناح اسپتال ۾ ڪتي جي ڏاڙهيل 21 ماڻهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي سندن  علاج ڪري سندن زندگيون بچايون ويون آهن

صحت کاتو ته ڊينگي ۽ نگليريا تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيو آهي پر  لڳي ٿو ته رولو ڪتا به ڪي ايم سي جي پڪڙ کان ٻاهر آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*