سنڌهاءِڪورٽ پاران ڪيفي سنڌ کي ڊاهڻ خلاف ڪي ايم سي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي منع نامي باوجود ڪيفي سنڌ ريسٽورينٽ کي ڪي ايم سي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪي ايم سي انڪروچمينٽ سيل 17 آڪٽوبر تي ڪيفي سنڌ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو، عدالت انيلا افغاني جي درخواست تي ڪي ايم سي کي نوٽيس جاري ڪيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ  ڪيفي سنڌ کي ڊاهڻ خلاف انيلا افغاني جي درخواست ٻڌڻي ڪئي.

دروخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالتي منع نامي باوجود ڪي ايم سي ڪيفي سنڌ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو .

عدالت اهڙي درخواست تي ڪي ايم سي انڪروچمينٽ جي انچارج ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*