باب اسلام سنڌ جي تاريخ اهميت رکي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

وزيراعظم جي اطلاعات بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته باب اسلام سنڌ جي تاريخ اهميت رکي ٿي ان کي معاشي ۽ اقتصادي طور مستحڪم ڪرڻ اسان جي پهرين ذميواري آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي عوام جا ڏک گهٽائڻ ۽ روشنيون موٽائڻ لاءِ پرعزم آهي.

سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ جو عوام چرٻٽ راڄ کان بيزار آهي، وزيراعظم سڌارن لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو

اطلاعات بابت خاص معاون لکيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرز ۽ اتحادين سان ملاقاتون ڪري پيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*