مولانا فضل الرحمان جو ڦوڪڻو ڦاٽڻ وارو آهي: شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو ڦوڪڻو ڦاٽڻ وارو آهي، هو پهريون ڀيرو  سياسي پارٽين جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي

پنڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته عوام کي ڏنڊي بردار جٿن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي، قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته حڪومت حرڪت ۾ ايندي،

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي پهريان به مشورو ڏنو هو، هاڻ به ڏيان ٿو ته هي وقت ڌرڻي جو ناهي

هن چيو ته  هينئر خطي ۾ اڻ اعلانيل جنگ هلي رهي آهي،پاڪستان جي سرحدن تي خطرناڪ حد تائين چيلينجز آهن

شيخ رشيد چيو ته مودي جي بيانن تي خاموش رهي نٿو سگهجي

هن چيو ته مهانگائي  جو ذميوار عمران خان  نه پر نوازشريف ۽ آصف زرداري آهن،منهنجو ٻين سان نه پر شهباز شريف سان رابطو آهي

شيخ رشيد چيو ته فضل الرحمان جي ڦوڪڻي ۾ تمام گهڻي هوا ڀرجي وئي آهي، مولانا جو ڦوڪڻو ڦاٽڻ وارو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*