ڀارتي هاءِ ڪميشن پنهنجي آرمي چيف جي دعويٰ تي بيهي نه سگهي آهي: آصف غفور

ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارتي هائي ڪميشن پنهنجي آرمي چيف  جي دعوا تي بيهي نه سگهي آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته  پرڏيهي سفارتڪار ۽ ميڊيا گروپ لائين آف ڪنٽرول جي دوري تي روانا ٿيا آهن، پر ڀارتي هائي ڪميشن  جو ڪوبه اهلڪار، سفارتڪار ايل او سي  وڃڻ لاءِ  نه پهتو، ڀارتي هائي ڪميشن پنهنجي آرمي چيف  جي دعوا تي بيهي نه سگهي.

آئي ايس پي آر مطابق ڀارتي هائي ڪميشن  جي عملي ۾ سفارتڪارن سان گڏ ايل او سي وڃڻ جي اخلافي جرعت ناهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته پرڏيهي سفارتڪار ۽ ميڊيا جا ميمبر  ايل او سي تي سچ کي سامهون آڻيندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*